چونڊ سنڌي لوڪ ڪهاڻيون

چونڊ سنڌي لوڪ ڪهاڻيون

چونڊ سنڌي لوڪ ڪهاڻيون

چونڊ سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (ڪتاب): سنڌي لوڪ ڪهاڻين تي مشتمل هن ڪتاب جو مرتب محمد صالح کهڙو آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب کي 12 بابن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين باب ۾ بادشاهن جون ڪهاڻيون، ٻئي بابت ۾ راڻين، ٽئين ۾ شهزادن، چوٿين ۾ وزيرن، پنجين ۾ سوداگرن، ڇهين ۾ عقلمندن، ستين ۾ نصيحـت واريـون آکـاڻيـون، اٺـيــن ۾ چالاڪين، نائين ۾ بخت ۽ ڀاڳ وارن جون ڪهاڻيون، ڏهين ۾ ٺڳن جون ڪهاڻيون، يارهين ۾ بيوقوفن ۽ ٻارهين باب ۾ پکين ۽ جانورن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڪتاب جو انتساب سنڌي جي ناليواري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نالي ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي حوالي سان ڪافي اهميت جو حامل آهي. 256 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن پڪي جلد واري ڪتاب جي قيمت 180 روپيا آهي، جنهن کي روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري، 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو